Tuesday, March 29, 2022

بدعت کو پہچانئے : سندھی ترجمہ

بدعت کي سڃاڻيو

 

تحرير : الشيخ مقبول احمد سلفي

سنڌيڪار: محمد سليمان جمالي

 

الحمد لله اسلام هڪ واضح ۽ روشن دين آھي. جنهن جا سڀئي احڪام ۽ مسئلا روشن سج وانگر پڌرا آھن . پر افسوس اسلام جي نالي وٺڻ وارن مان صوفين ۽ بدعتين جتي هن دين کي غير مسلم ماڻھن اڳيان بدنام ڪيو آھي. اتي هڪ عام مسلمان لاء به ڏکيائيون پيدا ڪري ڇڏيون آھن . اصل دين کي ڇڏي هنن نيون نيون بدعتون دين ۾ داخل ڪيون آھن ۽ انهن تي سختي سان عمل ڪرڻ شروع ڪيو آھي. ۽ ماڻھن کي اهو باور ڪرايو آھي ته اهو ئي اصل دين آھي. جيڪو ان تي عمل ڪري ٿو اهو ئي اصل سني آھي جيڪو ان تي عمل نٿو ڪري اهو مرتد گستاخ ۽ بد مذھب آھي. ڪيتري قدر تعجب ۽ حيراني جي ڳالھ آھي جو انهن ماڻهن اصل دين کي ڇڏي پنهنجو هٿ ٺوڪيو دين ٺاهي ورتو ۽ اصل دين تي عمل ڪرڻ وارن ماڻھن تي طرحين طرحين الزام هنيا. ۽ پنهنجو پاڻ کي حقيقي اهل سنت جو نالو ڏئي دنيا کي دوکو ڏنو.

اسلام کي ايترو نقصان يهود و نصارى به ناهي ڏنو، جيترو هنن بدعتين ۽ بد عقيده ماڻھن ڏنو آھي. دين ۾ نيون شيون داخل ڪري اصل دين جو چهرو بگاڙي ڇڏيو آھي. ڏٺو وڃي ته ڪافر ۽ مشرڪ مسلمان کي نقصان پڄائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جڏھن ته هي نام نهاد مسلمان اصل اسلام کي نقصان ڏين ٿا. انهي حوالي سان ڏسجي ته بدعتي اسلام لاء سڀ کان وڏو خطرو آھن. ان ڳالھ کي نظر ۾ رکندي مون چاهيو ته هڪ عام مسلمان لاء سولي انداز ۾ بدعت جي حقيقت کولي بيان ڪجي. شايد ڪنهن بدعتي جي دماغ ۾ ڳالھ ويهي ۽ هو اسلام کي نقصان پهچائڻ ڇڏي ڏئي يا گهٽ ۾ گهٽ هو پاڻ برباد ٿيڻ کان بچي پوي.

قارئين ڪرام! بدعتن جي هڪ ڊگهي فهرست آھي سڀني جا نالا بيان ڪرڻ ته ممڪن نه آھي. البته ڪجھ بدعتون تمام گهڻيون مشهور آھن جن مان بدعتين جي سڃاڻ ٿئي ٿي انهن مان ڪجھ بدعتن کي بيان ڪري انهن جي حقيقت بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

اوهان ڏٺو هوندو ته اڪثر مسلمان نبي صلى الله عليه وسلم جو نالو ٻڌي پنهنجا آڱوٺا چمن ٿا، اذان کان اڳ هٿ ٺوڪيل درود پڙھن ٿا، قرآن خواني ڪن ٿا، ميلاد ملهائين ٿا، مزارن تي عرس ۽ ميلا لڳائين ٿا، جلوس ڪڍن ٿا. جهنڊا هڻن ٿا. قبرن تي گل ڇٽين ٿا، پڙ چاڙھين ٿا، قبرن تي اذان ڏين ٿا، انهن جو طواف ڪن ٿا، سجده ڏين ٿا، ۽ اتي نماز ۽ قرآن مجيد پڙھن ٿا. تعزيه ڪڍن ٿا، اهڙي طرح مُئلن کي سڏڻ،  دعائن ۾ وسيلا ڏيڻ، غير الله لاء نذر نياز ڪرڻ، قل، ٽيجها، چاليها، ٻارها، يارهين، لکي روزا، هزاروي روزا، ام داود جي نماز، صلاة الرغائب، نماز غوثيه، ختم قادريه جعفر صادق جا ڪونڊا، شب معراج جو جشن، پيرن جي بيعت، امام ضامن ، تعويذات عطاريه، نوحه خواني ۽ سوڳ، بد شگوني و نحوست، خود ساخته درود ۽ وظيفا (درود غوثيه، درود تاج، دردو تنجينا، درود لکي وغيره) انهن جا امتيازي عمل آھن . هي ۽ ھنن جهڙا ٻيا ڪيئي عمل انهن جي طرفان دين جي نالي تي ايجاد ڪيا ويا آھن. ۽ انهن کي دين سمجهيو وڃي ٿو. ۽ انهي تي عمل ڪندي بدعتين کي موت اچي وڃي ٿي.

انهن ڪجھ جملن کان پوء اسان اچون ٿا اصل موضوع ڏانهن ته اسان کي ڪيئن خبر پوندي ته اهي عمل بدعت آُهن؟ ۽ اسان هڪ بدعتي کي ڪيئن سمجهايون ته هو انهن عملن کان پري رهي. ڇو جو اهڙن عملن جو انجام جهنم آھي. ان لاء سڀ کان اڳ اسان بدعت جي تعريف ڪنداسين ۽ اها تعريف به رسول الله صلى الله عليه وسلم جي زبان مبارڪ مان ڪنداسين. سيده عائشه رضي الله عنها کان روايت آھي ته رسول الله صلى الله عليه وسلم جن فرمايو:

 مَنْ أَحْدَثَ فِي أَمْرِنَا هَذَا مَا لَيْسَ فِيهِ فَهُوَ رَدٌّ

(صحيح بخاري: 2697 صحيح مسلم: 1718 سنن ابي داود: 4606 سنن ابن ماجة: 14 مشڪواة المصابيح: 140)

”جنهن ماڻھو اسان جي دين ۾ ڪو اهڙو ڪم داخل ڪيو جيڪو دين مان نه آھي ته اهو عمل مردود آھي.“

هڪ ٻي روايت جا لفظ آھن:

 مَنْ عَمِلَ عَمَلًا لَيْسَ عَلَيْهِ أَمْرُنَا فَهُوَ رَدٌّ                                               (صحيح مسلم: 1718)

”جنهن ماڻھو ڪو اهڙو ڪم ڪيو جنهن جو اسان حڪم نه ڏنو ته اهو عمل مردود آھي.“

هن حديث جي شرح ۾ امام نووي لکي ٿو: هي حديث اسلام جي قائدن مان هڪ اهم قائدو آھي. هي حديث پاڻ سڳورن جي جامع الڪلمات مان آھي ۽ هي بدعات جي رد تي صريح دليل آھي.  (شرح مسلم للنووي: 15/2)

بدعتون رسول الله صلى الله عليه وسلم جي حديث جي ميزان ۾

قارئين ڪرام! جي حديث جي سڀني لفظن تي نظر رکندي، امام نووي جي ڳالھ تي غور ڪجي ته هي حديث ڪجھ هن طرح بدعت جي ترديد ڪري ٿي.

مَنْ أَحْدَثَ: جيڪو ماڻهو پنهنجي خواهش ۽ مرضي سان ڪو ڪم ايجاد ڪري.

فِي أَمْرِنَا هَذَا. هتي امر مان مراد دين آھي يعني دين ۾ ڪو نئون ڪم ايجاد ڪري.

مَا لَيْسَ فِيهِ. جيڪو ڪم دين مان نه هجي. بريلوي عالم مفتي احمد يار خان نعيمي (ما ليس فيه) جي شرح ۾ لکي ٿو: جيڪو ڪم قرآن ۽ حديث جي مخالف هجي.

(دعوت اسلامي جي ويب سائٽ بدعت جا قسم)

فَهُوَ رَدٌّ.  اهو عمل بدعتي لاء مردود ۽ باطل آھي.

حديث شريف جي شرح کان پوء انهن بدعتن مان ڪا هڪ بدعت کڻي انهي کي دين جي ترازو ۾ توريون ٿا. جيئن ڪيئي ماڻھو نبي صلى الله عليه وسلم جو نالو ٻڌي پنهنجا آڱوٺا اکين تي رکن ٿا ۽ هنن جو عقيدو آھي ته هي دين جو ڪم آھي انهي تي عمل ڪرڻ گهرجي ايئن ڪرڻ سان اجر ۽ ثواب ملي ٿو. پر جڏھن قرآن ۽ حديث ۾ انهي عمل کي تلاش ڪريون ٿا ته خبر پوي ٿي ته انهي عمل جو حڪم نه قرآن مجيد ۾ آھي نه ئي حديث شريف ۾ .

جنهن مان معلوم ٿيو ته ڪنهن ماڻھو انهي عمل کي پنهنجي طرفان ايجاد ڪري دين ۾ داخل ڪري ڇڏيو آھي. انهي کي ئي بدعت چئبو آھي جنهن کي رسول صلي الله عليه وسلم الله مردود قرار ڏنو آھي.

هاڻي اچو ته بدعتين جي ڪجھ شبهات جو جائزو وٺون. جنهن سان بدعت کي اسان سٺي طرح سمجهي سگهون ٿا.

هتي اسان بدعتين جي ٽن شبهن ۽ هڪ وڏي مغالطي جو ذڪر ڪنداسين.

پهريون شبهو: جڏهن اسان بدعتين کي چئون ٿا ته: آڱوٺا چمڻ ۽ ميلاد ملهائڻ بدعت آهن ڇو جو قرآن و حديث ۾ ڪٿي به انهن جو حڪم موجود ناهي ته بدعتي دليل ڏيندي چون ٿا ته رسول الله صلى الله عليه وسلم جي دور ۾ گاڏي نه هئي. بس، ريل گاڏي ۽ جهاز نه هيو. توهان انهن تي سواري ڪريو ٿا ڇا اهو بدعت نه آھي؟ توهان پاڻ ئي رسول الله صلى الله عليه وسلم جي دور ۾ نه هيئو لھذا توهان پاڻ به بدعت آھيو.

جواب: هن شبهي کي سمجهڻ لاء مٿي بيان ڪيل حديث شريف تي وري نظر وجهون ٿا. ان حديث جي شرح ۾ چار ڳالهيون مون بيان ڪيون آهن.

¡ هر اهو عمل جيڪو پنهنجي طرفان ايجاد ڪيو وڃي. جيئن ”من عمل“ مان واضح آھي.

¢ اهي عمل دين ۾ ايجاد ڪيا وڃن.  دنياوي معاملن ۾ نه.

£ اهي ايجاد ٿيل شيون قرآن ۽ حديث ۾ نه هجن.  اهي نيون شيون بدعت آھن جيڪي مردود آھن.

¤ بدعتي جڏھن اهو چون ته رسول الله صلى الله عليه وسلم جي زماني ۾ ريل گاڏي نه هئي توهان انهي تي سواري ڪريو ٿا ته ڇا اهو بدعت نه آھي؟

ته انهي جو جواب هي آھي ته:

اسان اهو هرگز نه چيو  ته جيڪا شئي رسول الله صلى الله عليه وسلم جي دور ۾ نه هئي انهي جو استعمال ڪرڻ بدعت آھي. اها دعوى به بدعتي پاڻ ئي ڪن ٿا. اسان اهو هرگز ناهي چيو

اسان ته بدعت جي اها ئي تعريف ڪريون ٿا جيڪا رسول الله صلى الله عليه وسلم خود ڪئي آھي ته ماڻھو دين ۾ پنهنجي طرفان ڪجھ ايجاد ڪري جيڪو قرآن ۽ حديث ۾ نه هجي، اهو عمل مردود آھي. هاڻي بدعتي ٻڌائن ته ريل گاڏي ڪو عمل آھي يا ڪم؟ بلڪي هي ته هڪ سامان آھي. ۽ بدعت جو تعلق ڪنهن سامان سان نه بلڪي عمل سان آھي. ٻي ڳالھ ته ريل گاڏي جي ايجاد دين جي معاملي ۾ آھي يا دنيا جي معاملي ۾؟ ظاهري ڳالھ آھي ته هڪ گهٽ عقل وارو ماڻھو به چوندو ته ريل گاڏي جي ايجاد جو تعلق دنيا سان آھي. جڏھن ته رسول الله صلى الله عليه وسلم بدعت جي تعريف ڪندي فرمايو: ته بدعت دين ۾ نئين شئي ايجاد ڪرڻ جو نالو آھي.

ٻيو شبهو: ماڻهن ۾ هي شبهو به موجود آھي ته: اوهان چئو ٿا فلاڻو ڪم بدعت آھي جڏھن ته ٻيو مولوي چوي ٿو اهو ڪم بدعت نه بلڪي عين دين آھي. هاڻي اسان ڪنهن جي ڳالھ مڃون؟ اوهان به مولوي آھيو ته هو به مولوي آھي، اسان ڪهڙي مولوي جي ڳالھ مڃون؟

جواب: هن شبهي کي ديني اعمال مان مثال ڏئي سمجهايون ٿا .

ته جڏھن اوهان نماز پڙھو ٿا ته سڀ کان اڳ نيت ڪريو ٿا ان کان پوء تڪبير چئي هٿ ٻڌو ٿا ۽ قيام ڪريو ٿا، پوء رڪوع ڪريو ٿا پوء سجدو ڪريو ٿا. اهڙي طرح ئي ٻي رڪعت پڙهو ٿا. ٻن رڪعتن واري نماز ۾ قعدو ڪري سلام ڦيريو ٿا. مغرب جي نماز ۾ ٻن رڪعتن تي قعدو ڪري وري ٽين رڪعت لاء اٿو ٿا. پوء ٽين رڪعت پوري ڪري ٻيو قعدو ڪري سلام ڦيريو ٿا.

ظهر عصر ۽ سومهڻي ۾ چار چار رڪعتون پڙھون ٿا. نمازون ان طريقي مطابق ڇو ٿا پڙھو؟ ڇا انهي لاء نه ته رسول الله صلى الله عليه وسلم اسان کي ايئن سيکاريو آھي. بخاري ۾ آھي ته نماز ايئن پڙھو جيئن مون کي پڙهندي ڏسو ٿا. اهڙي طرح جڏھن اوهان حج ڪريو ٿا ته 8 ذوالحج کان ان جا عمل شروع ڪريو ٿا، انهي ڏينهن منى وڃو ٿا، عرفات جي ڏينهن تي عرفات وڃو ٿا. ۽ انهي ڏينهن سج لهڻ کان پوء مزدلفه اچو ٿا ۽ اتي رات گذاريو ٿا. قرباني جي ڏينهن فجر کان پوء جمرات تي وڃو ٿا.  اتي ٽي جمرات آھن پر اوهان صرف هڪڙي جمرات کي ست پٿريون هڻو ٿا، پوء قرباني ڪري مٿو ڪوڙايو ٿا ۽ حرم پهچي طواف افاضه ۽ صفا مروه ڪريو ٿا. ان کان پوء منى اچو ٿا هتي ايام تشريق جا ڏينهن گذاريو ٿا ۽ ٽئي ڏينهن ٽنهي جمرات کي ست ست پٿريون هڻو ٿا. آخر ۾ طواف وداع ڪري پنهنجي وطن واپس ٿيو ٿا. سوال ٿو پيدا ٿئي ته اوهان ايئن ڇو ٿا ڪريو؟ اوهان کي ايئن ڪرڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو آھي؟ ڪنهن پير ولي يا امام جي حڪم تي ايئن ڪريو ٿا؟ يا الله ۽ ان جي رسول جي حڪم تي اهو سڀ ڪريو ٿا؟ يقيناً اهو الله ۽ ان جي رسول جو حڪم آھي. ۽ اسان حج انهي طريقي تي ڪريون ٿا جنهن طريقي تي الله جي رسول صلى الله عليه وسلم حج ڪيو آھي ۽ ايئن ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. سيدنا جابر بن عبدالله رضي الله عنه کان روايت آھي ته رسول الله صلى الله عليه وسلم جن فرمايو:

يَا أَيُّها الناسُ خُذُوۡا عَنِّي مَناسكَكم.                             (صحيح الجامع: 7882)

اي انسانو ! مون کان حج جو طريقو سکي وٺو.

قارئين ڪرام! مون صرف ٻن عملن نماز ۽ حج جو مثال ڏنو آھي جڏھن ته پوري دين جو اهو حڪم آھي. يعني اسان دين جي هر عمل ۾ اهو طريقو اختيار ڪنداسين جيڪو اسان کي الله ۽ ان جي رسول سيکاريو آھي.

الله تعالي جو فرمان آھي:

لَقَدۡ كَانَ لَكُمۡ فِىۡ رَسُوۡلِ اللّٰهِ اُسۡوَةٌ حَسَنَةٌ.                           (الاحزاب: 21)

”يقينا اوهان لاء رسول الله صلى الله عليه وسلم (جي زندگي) ۾ سهڻو نمونو موجود آھي.

هڪ ٻي مقام تي فرمايائين:

اَطِيۡـعُوا اللّٰهَ وَاَطِيۡـعُوا الرَّسُوۡلَ.                                       (النساء: 59)

”الله جي فرمانبرداري ڪريو، رسول جي فرمانبرداري ڪريو.“

لهذا جڏھن ڪو مولوي اوهان کي ڪنهن اهڙي ڳالھ جو حڪم ڏئي جيڪا قرآن ۽ سنت ۾ موجود نه هجي ته مولوي جي اهڙي ڳالھ مڃڻي ناهي. ڇو جو رسول الله صلى الله عليه وسلم بدعت کان منع ڪيو آهي. صرف انهي عالم جي ڳالھ مڃڻي آھي جيڪو قرآن ۽ سنت مطابق دعوت ڏئي ڇو جو دين قرآن ۽ حديث جو نالو آھي.

ٽيون شبهو: عوام جي طرفان هڪ شبهو هي به ڏنو وڃي ٿو ته جيڪڏھن ڪو ماڻھو اجر ۽ ثواب جي نيت سان ڪو ڪم ڪري ٿو ته انهي ۾ ڪهڙو حرج آھي؟ هن جي نيت ته اجر حاصل ڪرڻ آھي.

جواب: ان جي جواب ۾ اسان اهو چونداسين ته: صرف نيت ڀلي هجڻ ڪافي نه آھي. بلڪي اهو عمل سنت جي مطابق هجڻ ضروري آھي. نه ته اهو عمل بدعت ليکيو ويندو. جيڪو رسول الله  صلى الله عليه وسلم جي نظر ۾ مردود ۽ باطل آھي. هن شبهي کي هڪ حديث جي روشني ۾ ڏسون ٿا ته بدعت جو مرتڪب ٿيڻ ڪيئن آھي؟

صحيح بخاري ۾ سيدنا انس رضي الله عنه کان روايت آھي ته ٽي صحابي (سيدنا علي رضي الله عنه، سيدنا عبدالله بن عمرو بن العاص رضي الله عنه، سيدنا عثمان بن مظعون رضي الله عنه)  رسول الله صلى الله عليه وسلم جي گهر وارين کان سندن عبادت متعلق سوال ڪرڻ لاء آيا. جڏھن انهن کي پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي عبادت متعلق ٻڌايو ويو ته هنن پنهنجي عملن کي گهٽ سمجهيو ته اسان رسول الله صلى الله عليه وسلم کي کٿي پهچي سگهون ٿا؟ پاڻ ڪريمن کي ته اڳيان پٺيان سڀ لرزشون الله تعالي معاف ڪري ڇڏيون آھن.

          پوء انهن مان هڪڙي چيو: آئون پوري پوري رات عبادت ڪندس. ٻي چيو: آئون هميشه روزا رکندس ڪڏھن به روزو ڪو نه ڇڏيندس.  ٽين چيو: آئون ڪڏھن به نڪاح نه ڪندس (سدائين عبادت ڪندو رهندس) جڏھن پاڻ ڪريمن کي انهي ڳالھ جي خبر پئي ته فرمايائون: آئون اوهان مان سڀ کان وڌيڪ الله کان ڊڄڻ وارو آھيان ۽ اوهان سڀني کان وڌيڪ پرهيزگار آھيان.  ان جي باوجود آئون (نفلي) روزا رکان به ٿو ته ڇڏيان به ٿو. رات جو نماز پڙھان ٿو ته سمهان به ٿو. ۽ مون عورتن سان نڪاح به ڪيو آھي.

مَن رَغِبَ عَن سنَّتي فلَيسَ منِّي.

”جنهن منهنجي سنت کان منهن موڙيو اهو مون مان نه آھي.“

هن حديث شريف تي غور ڪريون ته هڪ پاسي ٽي شان وارا صحابي ٻي پاسي هنن جي نيت به ڀلي هئي. ان جي باوجود پاڻ ڪريمن انهن کي اهڙي نيت کان منع ڇو ڪيو؟ آخر انهن جي اعمال ۾ ڪهڙو حرج هو. يقينا حرج اهو هو جو هنن جا عمل سنت طريقي جي مطابق نه هئا. ان لاء پاڻ ڪريمن فرمايو: جيڪو منهنجي سنت جي خلاف عمل ڪري اهو مون مان نه آھي . معلوم ٿيو ته ڀلي نيت هجڻ باوجود  سنت جي مخالفت ڪرڻ ڪري عمل مردود ٿي وڃي ٿو. ۽ اهو ئي مثال هر بدعت جو آھي.

ڀلي ۽ بري بدعت جو مغالطو

اهل بدعت ماڻھن کي هڪ مغالطو ڏين ٿا ته هر طرح جي بدعت کان اسلام منع ناهي ڪيو. بلڪي ڪجھ بدعتون ڀليون ھونديون آھن جن تي عمل ڪري سگهجي ٿو. ۽ ڪجھ بدعتون بريون هونديون آھن انهن کان بچڻ گهرجي. گويا ڪه بدعتين بدعت جي حمايت ۾ ان جا ٻه قسم ايجاد ڪري ڇڏيا.  هڪ ڀلي بدعت، ٻي بري بدعت.  هن تقسيم مان بدعتين جو مقصد پنهنجي ايجاد ڪيل بدعتن کي جواز فراهم ڪرڻ آھي. جيئن عوام کي ڌوکو ڏنو وڃي ته جنهن بدعت تي اسان عمل ڪريون ٿا اها ڀلي بدعت آھي. ان تي عمل ڪرڻ سان گناه نه بلڪي ثواب ملي ٿو. ۽ جنهن بدعت تي گناه ملي ٿو اها ٻي بدعت آھي.

جڏھن ته حقيقت ۾ بدعت جي اها تقسيم به ايئن ئي هٿ ٺوڪي آھي. جيئن هنن جون ٻيون بدعتون هٿ ٺوڪيون آھن.

جيڪڏھن ڪٿي ڀلي بدعت جو ذڪر ملي ٿو ته اهو صرف لغوي اعتبار سان ملي ٿو. جڏھن ته شريعي حساب سان رسول الله صلى الله عليه وسلم هر طرح جي بدعت کي گمراهي قرار ڏنو آھي.

سيدنا جابر رضي الله عنه بيان ڪري ٿو ته رسول الله صلى الله عليه وسلم پنهنجي خطبي جي شروع ۾ الله جي حمد وثناء بيان ڪرڻ کان پوء فرمائيندا هئا:

إِنَّ أَصْدَقَ الْحَدِيثِ كِتَابُ اللَّهِ، وَأَحْسَنَ الْهَدْيِ هَدْيُ مُحَمَّدٍ وَشَرَّ الْأُمُورِ مُحْدَثَاتُهَا، وَكُلَّ مُحْدَثَةٍ بِدْعَةٌ، وَكُلَّ بِدْعَةٍ ضَلَالَةٌ، وَكُلَّ ضَلَالَةٍ فِي النَّارِ.                                      (سنن النسائي: 1579)

سڀ کان سچي ڳالھ الله جو ڪتاب آھي، ۽ سڀ کان ڀلو طريقو محمد صلي الله عليه وسلم جو طريقو آھي، ۽ بدترين ڪم نوان ڪم آھن (۽ دين) ۾ هر نئون ڪم بدعت آھي ۽ هر بدعت گمراهي آھي ۽ هر گمراهي جو انجام جهنم آھي.

ان حديث مان صاف معلوم ٿيو ته دين ۾ هر طرح جو نئون ڪم بدعت آھي. لهذا اهو چوڻ ته هڪ بدعت بري بدعت آھي ۽ ٻي بدعت ڀلي بدعت آھي. رسول صلى الله عليه وسلم جي حديث جي مخالفت آھي.

آخر ۾ بدعتين متعلق حڪم به معلوم ڪريون ٿا. جيڪي چون ٿا ته اسان سڀ کان وڌيڪ رسول الله صلى الله عليه وسلم سان محبت ڪريون ٿا. اسان رسول الله صلى الله عليه وسلم تي سڀ کان وڌيڪ درود پڙھون ٿا ۽ اسان قيامت جي ڏينهن رسول الله صلى الله عليه وسلم سان گڏ هونداسين. ۽ اسان کي رسول الله صلى الله عليه وسلم جي شفاعت نصيب ٿيندي. ۽ اسان جنت ۾ داخل ٿينداسين.  بريلوي شاعر جميل الرحمان رضوي قادري چوي ٿو:

میں وہ سنی ہوں جمیل قادری مرنے کے بعد

میرا لاشہ بھی کہے گا الصلاة والسلام

انهن ماڻھن جي دعوى جو اندازو مٿي بيان ڪيل حديث مان لڳايو ته رسول الله صلى الله عليه وسلم فرمايو: سڀ کان سچي ڳالھ الله جو ڪتاب آھي.  ۽ سڀ کان ڀلو طريقو محمد رسول الله  صلى الله عليه وسلم جو طريقو آھي.

جڏھن ته هي نالو ته رسول الله صلى الله عليه وسلم جو وٺن ٿا پر ڪم سڀ بدعت وارا ڪن ٿا. جيڪي ماڻهو قرآن ڪريم کي ڇڏي رسول الله صلى الله عليه وسلم جي سنت مان منهن موڙي بدعتون ايجاد ڪن ٿا ۽ انهن تي عمل ڪن ٿا. ڇا اهي رسول الله  صلى الله عليه وسلم سان محبت جي دعوى ۾ سچا آھن ؟ ڪڏھن به نه! بدعتي ڪنهن به صورت ۾ رسول الله صلى الله عليه وسلم جو سچو محب نٿو ٿي سگهي. سندن دعوى کوکلي ۽ ڪوڙي دعوى آھي. اهو ئي سبب آھي جو رسول الله صلى الله عليه وسلم انهن بدعتين باري ۾ واضح چئي ڇڏيو آهي ته هر بدعت گمراهي آھي ۽ هر گمراهي جو انجام جهنم آھي. پوء جيڪو عمل جهنم ۾ وٺي وڃي انهي عمل جي بنياد تي رسول الله صلى الله عليه وسلم جي شفاعت ڪيئن ملندي. الله تعالي قيامت جي ڏينهن انهن بدعتين جي باري ۾ پنهنجي نبي کي آگاه ڪري ڇڏيندو. ۽ جڏھن اهي حوض ڪوثر تي ايندا ته انهن کي تڙيو ويندو. صحيح بخاري ۾ سيدنا انس رضي الله عنه کان روايت آھي ته رسول الله صلى الله عليه وسلم جن فرمايو:

لَيَرِدَنَّ عَلَيَّ نَاسٌ مِنْ أَصْحَابِي الْحَوْضَ، حَتَّى عَرَفْتُهُمُ، اخْتُلِجُوا دُونِي، فَأَقُولُ : أَصْحَابِي. فَيَقُولُ : لَا تَدْرِي مَا أَحْدَثُوا بَعْدَكَ                                 (صحيح بخاري: 6582)

منهنجا ڪجھ ساٿي يعني (منهنجا امتي) حوض ڪوثر تي منهنجي سامهون پيش ڪيا ويندا ۽ آئون انهن کي سڃاڻي وٺندس. پر اهي مون کا هٽايا ويندا. آئون چوندس: هي ته منهنجا ساٿي (امتي) آھن. ته مون کي چيو ويندو: اوهان کي خبر ناهي ته هنن اوهان کان پوء ڪهڙيون ڪهڙيون بدعتون ايجاد ڪيون هيون.

ڪيڏي نه عجيب ڳالھ آھي ته جن ماڻھن پوري زندگي يارسول الله جا نعرا لڳايا، سندن ميلاد ملهايا، جلوس ڪڍيا، جهنڊا لڳايا، رسول الله صلى الله عليه وسلم جي تعظيم ۾ اٿي بيٺا،  ٽولا ٺاهي ڪري درود پڙھيا. آڱوٺا چميا. پر نتيجو اهو نڪتو جو رسول الله صلى الله عليه وسلم جي حوض ڪوثر کان پري ڪيا ويا.

نہ خدا ہی ملا نہ وصال صنم

نہ ادھر کے رہے نہ ادھر کے ہم

لھذا جيڪي صحيح رستي کان ڀٽڪيل آھن انهن سڀني کي درخواست آھي ته اڃان وقت آھي. پنهنجي  ڪيل گناهن تي معافي وٺو ۽ رسول الله صلى الله عليه وسلم سان سچي محبت ڪرڻ ۽ قيامت جي ڏينهن سندن هٿن مبارڪن مان حوض ڪوثر پيئڻ لاء الله جي ڪتاب ۽ رسول الله صلى الله عليه وسلم جي سنت مطابق عمل ڪريو. الله تعالي کان دعا آھي ته هو هن مضمون کي ڀٽڪيل ماڻھن جي هدايت جو ذريعو بڻائي.

جيڪي ماڻھو هن مضمون کي ويڊيو بيان جي صورت ۾ ڏسڻ چاهين ٿا اهي ”محرر“ جي يو ٽيوب  چينل تي 5 فيبروري 2022  تي اردو زبان ۾ اپلوڊ ڪيل بيان (بدعت کي سڃاڻيو) جي نالي سان ٻڌي سگهن ٿا.

 

0 comments:

اگر ممکن ہے تو اپنا تبصرہ تحریر کریں

اہم اطلاع :- غیر متعلق,غیر اخلاقی اور ذاتیات پر مبنی تبصرہ سے پرہیز کیجئے, مصنف ایسا تبصرہ حذف کرنے کا حق رکھتا ہے نیز مصنف کا مبصر کی رائے سے متفق ہونا ضروری نہیں۔

اگر آپ کوئی تبصرہ کرنا چاہتے ہیں تو مثبت انداز میں تبصرہ کر سکتے ہیں۔

اگر آپ کے کمپوٹر میں اردو کی بورڈ انسٹال نہیں ہے تو اردو میں تبصرہ کرنے کے لیے ذیل کے اردو ایڈیٹر میں تبصرہ لکھ کر اسے تبصروں کے خانے میں کاپی پیسٹ کرکے شائع کردیں۔